ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي، سياسي مخالفن کي ووٽ جي طاقت سان هارائينداسين.ڪراچي ۾ آءِ آءِ چندريگر روڊ تي جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني چونڊون تاريخي هيون، ڪراچي کان ڪشمور تائين جيالن جي حڪومت هوندي، ڪراچي ۾ ورهاست جي سياست هلندي هئي، اسان ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪري ڇڏيو، سنڌ هڪ هئي، هڪ آهي ۽ هڪ ئي رهندي.هن چيو ته اسان سڄي ملڪ ۾ ورهاست ۽ نفرت جي سياست کي دفن ڪنداسين، اسان اڳ به چئن صوبن جي زنجير هئاسين، اڄ به آهيون.سندس چوڻ هو ته پ پ چونڊون وڙهڻ ڄاڻي ٿي ۽ کٽڻ به ڄاڻي ٿي، اسان چونڊن کان نٿا ڊڄون، پ پ چونڊن لاءِ تيار آهي، پنهنجي سياسي مخالفن کي ووٽ جي طاقت سان شڪست ڏينداسين.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪي سياسي دهشتگرد آهن، انهن سان ته ڪجهه ٿيو ئي نه، اهي اڃا تائين لاڏلا آهن، هاڻ به انهن جا سهولتڪار موجود آهن.پرڏيهي وزير چيو ته پاڻ کي بهادر ليڊر سمجهندڙ بالٽي پائڻ بنا گهران نٿو نڪري سگهي، هڪ رات جيل ۾ نه گذاري سگهيو، ڪپتان گيسٽ هائوس ۾ به هڪ رات برداشت نه ڪري سگهيو، جيل جي خوف کان هن سڄي پاڪستان کي ساڙي ڇڏيو، جيل جي خوف ۾ هن ادارن تي حملو ڪيو.










