نظاماڻي ۽ زنگيجا ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ فوت ،ٽي ڄڻا زخمي

نظاماڻي ۽ زنگيجا ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ فوت ،ٽي ڄڻا زخمي

ٽنڊومحمد خان (رپورٽر)شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي حدڳوٺ راڄو نظاماڻي ۾ نظاماڻي ۽ زنگيجا ڌرين ۾ جهيڙو هڪ ڄڻو فوت ٽي ڄڻا زخمي خبر موجب شيخ ڀرڪيو ويجهو ڳوٺ راڄو نظاماڻي ۾ نظاماڻي ۽ زنگيجا ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو نتيجي ۾ 60ورهين جو محمد حسن زنگيجو مبينا طور مارجي ويو جڏهن ته ٽي ڄڻا اصغر زنگيجو اڪبر زنگيجو وسيم چنا سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي شيخ ڀرڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي سول اسپتال ٽنڊو محمد خان منتقل ڪيو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او شيخ ڀرڪيو آدم خشڪ ٻڌايو ته ڌرين ۾ موٽرسائيڪل ٽڪر جي ڳالھ تان جهيڙو ٿيو جنهن دوران 60ورهين جو محمد حسن زنگيجو فوت ٿي ويو آهي جڏهن ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن وارثن جو چوڻ آهي ته سندن همراه جهيڙي ۾ فوت ٿي ويو آهي جڏهن ته پيرسن کي ڪنهن به قسم جي ڌڪ جو نشان ناهي لاش پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪيو آهي وڌيڪ خبر رپورٽ اچڻ بعد پوندي ته پيرسن جي موت جو ڪارڻ ڇا آهي جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن پيرسن جهيڙي سبب حراس دوران دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿيو آهي فوتي محمد حسن جي پٽ نياز حسين زنگيجو جي فرياد تي پنجن جوابدارن بابو نظاماڻي اصغر نظاماڻي سهراب نظاماڻي قمر نظاماڻي زبير نظاماڻي تي قتل جي ايف آء آر درج ڪئي وئي آهي پوليس جو چوڻ آهي جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن ٻئي پاسي وارث نياز حسين زنگيجو جو چوڻ آهي ته پوليس جيڪڏهن جلد جوابدار گرفتار نه ڪيا ته احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو