نصير الدين شاهه جو سنڌي ٻوليءَ   بابت غلطي جو اعتراف

نصير الدين شاهه جو سنڌي ٻوليءَ بابت غلطي جو اعتراف

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت جي ليجنڊ اداڪار نصيرالدين شاهه سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان پنهنجي غلطي تسليم ڪري ورتي آهي.پنهنجي وضاحتي بيان ۾ نصير الدين شاهه چيو ته پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي بابت منهنجو بيان غلط آهي.هن هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي هاڻي نه ڳالهائي ويندي آهي.نصير الدين شاهه وڌيڪ چيو ته مراٺي ۽ فارسيءَ جي لاڳاپن واري بيان کي غلط سمجهيو ويو، مون چيو هو ته ڪيترائي مراٺي لفظ فارسي زبان جا آهن.هن چيو ته منهنجو مقصد مراٺي ٻولي کي بدنام ڪرڻ نه هو، منهنجو مقصد ثقافتي تنوع کي بيان ڪرڻ هو، اردو ٻولي به هندي، فارسي، ترڪي ۽ عربي جو ميلاپ آهي.ڀارتي اداڪارا کي سندس بيان تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.ڀارتي اداڪار جي اهڙي بيان تي اداڪارا منشا پاشا رد عمل ڏنو آهي.منشا پاشا ٽوئيٽ ذريعي واضح ڪيو ته سنڌي جي حيثيت هڪ فخر سان مون کي فخر آهي گهر ۾ به سنڌي ڳالهائيندي آهيان، مان ان راءِ سان متفق آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو