نصرالله گڏاڻي ڪيس،شھيد جي وڪيل طرفان عدالت تي عدم اعتماد

نصرالله گڏاڻي ڪيس،شھيد جي وڪيل طرفان عدالت تي عدم اعتماد

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپور ماٿيلو ۾ ٿي گزري جوابدار اصغر لنڊ عبدالله لنڊ ۽ شھيد صحافي جو ڀاءُ فريادي يعقوب گڏاڻي پيش ايندڙ ٻڌڻي يارھن سيپٽمبر تائين ملتوي بااثر ڀوتارن اسان جي ڀاءُ کي شھيد ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آھي يعقوب گڏاڻي جون ميڊيا سان ڳالھيون تفصيل موجب ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورماٿيلو ۾ ٿي گذري پوليس گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي پيش ڪيو ۽ عبدالله لنڊ به پيش ٿيو جڏهن ته فريادي ڌر پاران شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جو ڀاءُ يعقوب گڏاڻي به عدالت پهتو شهيد صحافي جو وڪيل صلاح الدین پنهور عدالت پهتو، جوابدار ڌر جي وڪيل محفوظ اعواڻ عدالت ۾ پنهنجي تقرير بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فريادي حاضرين تي پاڻ نه ٿا اچن هن چيو ته 27 حاضرين تي فريادي پاڻ ناهن آيا ۽ 28 هين حاضري تي اچي فريادي چوي ٿو ت ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ هلايو وڃي هن چيو ته ڀلي ڪهڙي به عدالت ۾ ڪيس هلايو وڃي اسان کي ڪو اعتراض ناهي جڏهن ته فريادي ڌر جي وڪيل صلاح الدین پنهور حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي جي ڪيس جون ٽي 3 دفعا انڪوائريون ٿيون ڪيس کي خراب ڪيو ويو آهي ڪيس مان جوابدار پ پ ايم اين اي خالد لنڊ سندس پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جا نالا خارج ڪيا ويا بغير فريادي کي ٻڌڻ جي ۽ اسان جي غير موجودگي ۾ جوابدارن جا نالا خارج ڪيا ويا آهن ان مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته هتي جوابدار ڌر جو اثر رسوخ تمام وڏو آھي ۽ سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي آهي ۽ فريادي ڌر کي جوابدارن طرفان مسلسل حراسان ڪيو پيو وڃي ان ڪري اسان هن عدالت ۾ ڪيس هلائڻ نه ٿا چاهيون اسان اهڙي درخواست عدالت ۾ ڏني آهي عدالت ٽائيم ورتو آهي ۽ ايندڙ حاضري 11 سيپٽمبر تي رکي وئي آهي اميد آهي ته ڏنل حاضري تي اسان جو ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ڏانهن ٽرانسفر ڪيو ويندو ان موقعي تي عدالت ٻاھران شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي چيو ته بااثر ڀوتارن اسان جي ڀاءُ کي شھيد ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي مسلسل اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن پر اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي ٻي پاسي جوابدار اصغر لنڊ عدالت ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان بد اخلاقي ڪندي گار گند ڪيو رھيو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو