نسرين جليل کي گورنر سنڌ بڻائڻ جي سمري صدر حوالي

نسرين جليل کي گورنر سنڌ بڻائڻ جي سمري صدر حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ نسرين جليل کي گورنر سنڌ بڻائڻ جي سمري صدر ڏانهن اماڻي ڇڏي آھي، صدر پاران سمري منظور ڪرڻ بعد نسرين جليل سنڌ جي ٻي عورت گورنر بڻجي ويندي ان کان اڳ اڳوڻي وزيراعظم لياقت علي خان جي گهرواري رعنا لياقت علي خان سنڌ جي گورنر رهي چڪي آهي، سنڌ جي نامزد نئين گورنر نسرين جليل ٻه ڀيرا سينيٽر رهي چڪي آهي ايم ڪيو ايم خلاف آپريشن دوران نسرين جليل کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ کيس 3 سال سزا ٻڌائي جيل به اماڻيو ويو هو

پهنجو تبصرو موڪليو