نريندرا مودي ٻيو ڀيرو وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو

نريندرا مودي ٻيو ڀيرو وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو

نئين دلي(م ڊ) هڪ ارب 30 ڪروڙ آبادي واري ملڪ ڀارت جي عام چونڊن ۾ لڳاتار ڪامياب ٿيندڙ ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڳواڻ نريندرا مودي ٻيو ڀيرو وزيراعظم طور حلف کڻي ورتو. ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب ۾ ڀارتي صدر رام ناٿ ڪووند کيس قسم کڻايو. تقريب ۾ سابق وزير خارجه سشما سوراج ۽ ناڻي وارو وزير ارون جيٺلي نظر نه آيا ۽ هنن طبيعت خراب هجڻ جو سبب ڄاڻايو آهي. يعني مودي کين پنهنجي نئين ڪابينا ۾ کڻڻ کان انڪار ڪيو آهي. تقريب ۾ 8000 ماڻهن ۽ خطي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان کي دعوت نه ڏني وئي. حلف برداري ۾ ناليوارن سياستدانن، اداڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو