نرسنگ ڪاليج جي ٽيسٽ ۾ وڏي پيماني تي بدنظمي

نرسنگ ڪاليج جي ٽيسٽ ۾ وڏي پيماني تي بدنظمي

لاڙڪاڻو(ن سنڌيار)شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي ڇٽيءَ هيٺ ڪم ڪندڙ بينظير نرسنگ ڪاليج  ۽ يونيورسٽيءَ سان افيليٽيڊ سمورن پرائيويٽ ڪاليجن لاءِ نئين سال جي داخلائن لاءِ انٽري ٽيسٽ ٿي گذري ، انٽري ٽيسٽ بيبي نصرت ڀٽو گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ورتي وئي ، ياد رهي ته مذڪوره ٽيسٽ پهريون دفعو ، يونيورسٽيءَ جي امتحانن واري شعبي طرفان ورتي وئي ، ٽيسٽ ۾ 1475 شاگردن حصو ورتوـ ٽيسٽ ۾ وڏي پيماني تي بدانتظامي نظر آئي، اميدوارن کي 5 ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو ، ٽيسٽ سينٽر تي ڪا به هيلپ ڊيسڪ ۽ ريسيپشن نه لڳايو ويو، اڪثريتي اميدوارن کي سلپ نه ڏني وئي. ان کانسواءِ اميدوارن جي اڪثريت ٻين اميدوارن جي جگھ تي ٽيسٽ ۾ ويٺي هئي جنھن جو ذڪر بينظير نرسنگ ڪاليج جو پرنسپال ، نذير حسين ٻرڙو ۽ سيڪيورٽي انچارج سلطان احمد ڀٽو لائوڊ اسپيڪر تي بار بار  ڪيوـ پوليس اهلڪارن شاگردن ۽ ڇوڪرين کي به ڌھڪا ڏيندا رھيا، والدين جي ويهڻ جو ڪو به پلان نظر نه آيو، اميدوارن کي ٽيسٽ جو ڪو به ثبوت نه ڏنو ويو جهڙوڪ ڪاربان ڪاپي يا ڪي. اميدوارن ۽ والدين کي ڪا به مناسب هدايت نه ڏني وئي. انويجيليٽرس جو تعلق پڻ طبي شعبي سان هو، جيڪو پڻ انهن جي ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪاپي کي ھٿي جو هڪ عنصر هو. اميدوارن پاران مطالبو ڪيو ويو ته ٽيسٽ کي ٽئين پارٽي ٽيسٽنگ سروس ذريعي ٻيهر ڪرايو وڃي. داخلا ميرٽ تي ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو