نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت فوت، وارثن جو احتجاج

نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ عورت فوت، وارثن جو احتجاج

مورو (اياز سولنگي) پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب عورت فوت، وارثن ۽ سياسي سماجي شھرين پاران احتجاجي مظاھرو، علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي جنھن جي اڳواڻي وسيم ابڙو، ساجد نول، اشرف لغاري، رحيم بخش ابڙو، غلام حسين جويو، سيد اڪرم علي شاھ، ممتاز ڪوريجو، ڊاڪٽر جاويد سومرو، عادل ٻگھيو، ذوالفقار نول، ياسين سومرو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي فوت ٿيندڙ عورت جي مڙس وسيم ابڙو ٻڌايو ته ٽي ڏينھن اڳ مان پنھنجي گھر واري صنم کي ڊليوري لاءِ نجي ميڊيڪل سينٽر وٺي ويس جتي سينٽر تي موجود ڊاڪٽرياڻي مون کي منھنجي گھر واري صنم جو وڏو آپريشن ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ڊليوري جا پئسا گھريا جيڪي مون ڏنا جنھن کانپوءِ آپريشن ڪيو ويو ۽ پٽ جو اولاد ٿيو پر منھنجي گھر واري جو آپريشن غلط ٿيڻ سبب مسلسل رت اچڻ شروع ٿي ويو جنھن جي شڪايت مون انتظاميا کي ڏني ۽ بار بار ڊاڪٽرياڻي کي فون ڪئي ۽ گھر پھتاسين پر ڊاڪٽرياڻي جواب نه ڏنو ۽ منھنجي گھر واري صنم نول کي ماسي حوالي ڪيو ويو جتي ھو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ۽ منھنجي پٽ کي ماءُ کان محروم بڻائي ڇڏيو. ھنن چيو ته ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب فوت ٿيندڙ عورت جو ڪيس ميڊيڪل سينٽر انتظاميہ ۽ ڊاڪٽرياڻي مٿان داخل ڪيو وڃي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوت ٿيل عورت صنم نول جي خون جو ڪيس ميڊيڪل سينٽر انتظاميه خلاف داخل ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو