نجف حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع

نجف حميد خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)فيض حميد جي ڀاءُ نجف حميد خلاف سندس آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، نجف حميد بابت سڀني لاڳاپيل ادارن کان تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. جاچ ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سيل پاران شروع ڪئي وئي هئي.ايف آءِ اي نجف حميد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا، نجف حميد جو نالو به پي آءِ اين ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، بينڪ اڪائونٽس جي تفصيل به طلب ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب، اسلام آباد جي ماتحت عدالت پاران زمين اسڪينڊل ۾ نجف حميد جي عبوري ضمانت رد ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو