نتيجا تبديل ڪرڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: حافظ نعيم

نتيجا تبديل ڪرڻ جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته بلدياتي چونڊن جا نتيجا تبديل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، ان سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو.ڪراچي ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر پيپلزپارٽي جو ڪارڪن ۽ اوزار نه بڻجندو، باقي ڪم چيف اليڪشن ڪمشنر ڪندو آهي، انهن لاءِ وڏي ڏکيائي آهي ته هو چونڊون منصفاڻي اليڪشن ڪرائڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجن.حافظ نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جمهوري قوتن سان نه وڙهي رهي آهي، بدمعاشي دھاندلي سان آهي، ڪراچي جو ميئر جماعت اسلامي جو هوندو، عوام جي مينڊيٽ کي چوري ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي کي حقن جي نالي تي تباهه ڪرڻ وارن کان عوام مايوس آهي، ڪراچي جي عوام بلدياتي چونڊن ۾ جماعت اسلامي تي اعتماد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو