اسلام آباد(بيورو)ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهين لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويو آهي.واشنگٽن روانگي کان اڳ جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته هو آءِ ايم ايف پروگرام کي ٽريڪ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندا.مفتاح اسماعيل چيو ته پي ٽي آءِ ۽ عمران خان آءِ ايم ايف پروگرام کي پٽڙي تان لهي ڇڏيو، ان سان اسان جي معيشت کي خطرو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته کيس خوشي آهي ته ٽن سالن کانپوءِ نالو اي سي ايل مان نڪتو آهي.










