نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 نوجوان فوت

گهارو(رپورٽ بشام جوکيو) سلطان آباد لڳ قومي شاهراھ تي نامعلوم گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار چيپاٽجي فوت ٿي ويا. ٻئي لاش رورل هيلٿ سينٽر گهارو پهچايا ورا آهن. قومي شاهراھ تي نامعلوم گاڏيء اڳيان ويندڙ موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 موٽر سائيڪل سوار ڇيپاٽجي فوت ٿي ويا. جن جي سڃاڻپ 19سالا ادريس مگسي ۽ 24 سالاجمن مگسي طورٿي ويئي آهي ٻئي فوتي چوھڙجمالي جا رهائشي آهن. گهارو ۽ گجو پوليس ٻنهي فوتي نوجوانن جا لاش کڻائي رورل هيلٿ سينٽرگهارو پهچايا ۽ ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو