اسلام آباد (بيو رو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن طرفان اڳ ڪيل اعلان موجب نامزدگي ڪاغذ 12 ۽ 13 تاريخ تي جمع ڪرائڻا هئا پر هاڻ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ 15 فيبروري تائين جمع ڪرائي سگهجن ٿا.اليڪشن ڪميشن موجب نامزد اميدوارن جي لسٽ 16 فيبروري تي لڳائي ويندي ۽ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال 17 ۽ 18 فيبروري تي ٿيندي. جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن بابت اپيلون 20 فيبروري تائين داخل ڪرائي سگهبيون جنهن کان پوءِ اميدوارن جي نظرثاني ٿيل لسٽ 24 فيبروري تي لڳائي ويندي.اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 25 فيبروري آهي جڏهن ته سينيٽ چونڊن جي لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي.










