ناقص مٽيريل سبب 100 فٽ ڊگهو پُل جو گارڊر ٽٽي پيو

ناقص مٽيريل سبب 100 فٽ ڊگهو پُل جو گارڊر ٽٽي پيو

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي) سن ندي  انڊس هاءِ وي ڊبل روڊ جي  زير تعمير پل جو سيمينٽ وارو گارڊر ناقص مٽيريل  سبب ٽٽي ويو گارڊر کڻندڙ ٽرالر کي نقصان، ڊرائيور معجزانه طور محفوظ رهيو. پل جو 100 فوٽ جو گارڊر  ناقص مٽيريل سبب ٽرالر ۾ رکڻ دوران ڪيترن ئي هنڌن تان ٽٽي ويو جنهن سبب کڻندڙ ٽرالر کي نقصان پهتوجڏهن ته ڊرائيور ٽپو ڏئي جان بچائي ڪمپني انتظاميا پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاء معاملي کي ڳجهو رکڻ لاء واقعي کي حادثي جو رنگ ڏئي ڇڏيو جڏهن ته پل ۾ استعمال ٿيڻ کان اڳ ٽٽل گارڊر جي تعمير تي ڪروڙين روپيا خرچ ڏيکاريو ويو آھي   اين ايڇ اي طرفان انڊس هاءِ وي کي  ڊبل روڊ تعمير ڪرڻ جي ميگاپروجيڪٽ مبينا ڪرپشن جي ور چڙھي ويو  بريڪس ڪنسٽرڪشن ڪمپني جي ٺيڪيدار  پاران پل ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ سبب پل جو اسٽڪچر تباهه ٿي ويو جڏهن ته انڊس هاء وي ڊبل روڊ ۾ پڻ ناقص مٽيريل جو استعمال ٿي رهيو آھي  هوڏانهن ڪمپني جي انچارج منظر پنجابي رقم بچائڻ لاء جڳاڙ ڪندي مقامي سيڪيورٽي گارڊن کي قائدن ظابطن جي ابتڙ ماهوار 18000 بجاء صرف  12000 هزار پگهارون ڏئڻ ۽ ڪرپشن جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته گارڊر ٽرالر مان ڪري ٽٽو آھي باقي گارڊن جي پگهارن جي کيس ڪاب خبر ناهي انهن کي ٻي ڪمپني کين ڏنو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو