نافرمان پٽ امڙ کي گهران ڪڍي ڇڏيو

لاڙڪاڻو(بيوروچيف) نا فرمان پٽ پنهنجي پوڙهي امڙ کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. امڙ جو لاڙڪاڻي پريس ڪلب آڏو پٽ خلاف احتجاج. رحمت پور ڪلهوڙا محلا جي رهواسڻ 105 سالن جي پوڙهي مريم زال محمد امين ڪلهوڙو کي نافرمان پٽ محمد نواز ڪلهوڙو گهر مان ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو جنهن بعد عورت پريس ڪلب پهچي پٽ خلاف احتجاج ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مون سان ظلم ٿيو آهي منهنجو پٽ مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن ڪري دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيان.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو