ناظم جوکيو ڪيس: ڄام اويس سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ناظم جوکيو ڪيس: ڄام اويس سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي سنڌ اسيمبلي ميمبر سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ڄام اويس سميت 8 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدارن ڏوهه کان انڪار ڪري ڇڏيو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو