نارٿ ناظم آباد، پيءُ جي فائرنگ  ۾ نوجوان پٽ قتل، جوابدار گرفتار

نارٿ ناظم آباد، پيءُ جي فائرنگ ۾ نوجوان پٽ قتل، جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر): ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد بلاڪ ايل ۾ پيءُ فائرنگ ڪري پنهنجي ئي نوجوان پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس موجب واقعو گهريلو تڪرار تان پيش آيو، جتي تلخ ڪلاميءَ بعد پيءُ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان پٽ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس موقعي تي پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪندڙ جوابدار پيءُ کي موقعي تان ئي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس واقعي جي وڌيڪ قانوني جاچ ۽ تفشيش شروع ڪري ڏني آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو