راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، علاقائي، سلامتي ۽ پاڪستان، ناروي جي ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علاقائي استحڪام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندي گڏيل سيڪيورٽي چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل تعاون ۽ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو.ناروي جي پرڏيهي وزير علاقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪ فوج جي پيشه وارانه ڪردار جي تعريف ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي طرفان پاڪستان ۽ ناروي جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ دفاع، سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل رابطن ۽ تعاون وڌائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو.










