نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس ڪيس، احسن اقبال بري

نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس ڪيس، احسن اقبال بري

اسلام آباد: (بيورو) نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احسن اقبال جي بريت واري درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي جنهن جي شروعات تي عدالت نيب جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته هن ڪيس ۾ ڪرپشن ڪٿي ٿي؟ اوهان کي ڪيس ڪڏهن مليو آهي؟ عدالتي پڇاڻي تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 2018 ۾ مون کي اهو ڪيس مليو هو. 2019 ۾ گرفتار ڪيو ويو. چيف جسٽس نيب طرفان پراسيڪيوٽر نه هجڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي استدعا رد ڪندي ريمارڪس ڏنا ته هڪ نامعلوم اخبار کڻي چيئرمين پروسيڊنگ شروع ڪري ڏني. عدالت نيب اختيارين کان پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان کي خبر آهي ته سي ڊي ڊبليو پي هوندي ڇا آهي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان بنا ڄاڻ جي ته سي ڊي ڊبليو پي هوندي ڇا آهي ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. جنهن سيڪريٽري کي اوهان سلطاني شاهد ٺاهيو ان جو بيان ڏٺو آهي. اوهان عوامي پروجيڪٽ روڪي ڇڏيو. ان جي خرچن ۾ اضافي جو سبب ڪير بڻجندو. جنهن تي نيب جاچ آفيسر عدالت کي جواب ڏنو ته اسان پراجيڪٽ کي نه روڪيو هو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي؟ جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل اڄ موجود نه آهي اهو دليل ڏيندو. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي التوا نه ملندي. اسان هن ڪيس کي ترميمي آرڊيننس جي تحت ڏسي رهيا آهيون. ترميمي آرڊينس جو ته هن ۾ تعلق ئي ناهي. اوهان جو ڪم ڪرپشن کي ڏسڻو هو اوهان ڪرپشن کي ڇڏي ٻين ڪمن ۾ لڳي ويو. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اهو منصوبو 18هين ترميم کان پوءِ صوبائي معاملو هو اتان کان ئي اهو منصوبو بين الصوبائي رابطن واري وزارت کي ڏنو ويو جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا احسن اقبال بين الصوبائي رابطن جو وزير هو؟جنهن تي نيب پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته احسن اقبال منصوبه بندي جو وزير هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پوءِ احسن اقبال وٽ ڪهڙو اختيار هو جنهن جو غلط استعمال ٿيو؟ چيف جسٽس نيب جاچ ٽيم کي چيو ته اهو اوهان جو ڪم ناهي ته ڪهڙي منصوبي بابت پاليسي ڪهڙي هجي. نارووال ننڍو شهر آهي يا وڏو، اتي ڪيترا منصوبا ٺهڻ گهرجن اهو ڏسڻ اوهان جو ڪم ناهي. هن ۾ ڪرپشن جو ڪو هڪ الزام ٻڌايو جيڪڏهن اوهان نقصان جو چئو ٿا ته اوهان هي پراجيڪٽ روڪيو جنهن سبب هن کي نقصان پهتو. نقصان جو ئي ته ڪيس هو پوءِ اوهان پنهنجي خلاف ئي ڪيس ڪريو ها.جنهن کان پوءِ عدالت نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس ڪيس ۾ احسن اقبال کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز حڪم جاري ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو