ٽنڊومحمدخان (ن سنڌيار)ٽنڊومحمدخان جي نادر آفيس اڳيان ڪيتري ئي عرصي کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري نادر آفيس ڏانهن ويندڙ ماڻهن کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيو آهن نادرا عملي جو چوڻ آهي ته اسان ڪيترائي ڀيرا ميونسپل ڪميٽي وارن کي شڪايتون ڪيون آهن پر هنن ته ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن ڪري آفيس ڏانهن شناختي ڪارڊ ب فارم ٺهرائڻ لاء ايندڙ مرد عورتن کي سخت پريشانيون پيش اچي رهيو آهي هنن ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊومحمدخان سميت اعلي اختيارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي










