ناجائز، نا اهل ۽ پينوحڪمرانن مان جان ڇڏائڻي آهي، مولانا

ناجائز، نا اهل ۽ پينوحڪمرانن مان جان ڇڏائڻي آهي، مولانا

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم صدر مولانا فضل الرحمان وزيراعظم تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هن ملڪ کي جنهن حالت تي پهچائي ڇڏيو آهي، اتان کان اڳتي وڌڻ ۽ سنڀالڻ ڪنهن لاءِ به هڪ وڏو چئلينج هوندو. ڊيرا غازي خان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اڳ اهي ناجائز هئا پر ناجائز ٿيڻ انهن لاءِ ڪو عيب ناهي ۽ هاڻ نالائق به آهن، اهي نااهل به ثابت ٿيا آهن، اڄ اسان جو حڪمران جتي ويندو آهي ته پينو وانگر بيٺو هوندو آهي، منهنجو ناجائز حڪمران جنهن انداز ۾ دنيا جي حڪمرانن سان بيهندو آهي کيس لڄ به ناهي ٿيندي پر اسان جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويندو آهي. هن چيو ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، منهنجي جنگ اها آهي ته جيڪڏهن حڪومت هوندي ته عوام جي ووٽ جي بنياد تي هوندي ۽ جيڪڏهن ووٽ چوري ڪري پنهنجي مرضي جا نتيجا آندا ويا ته اسان نڪرنداسين ۽ حڪمرانن کي چئلينج ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته اسان حڪومت جو مقابلو عوام ۾ ڪنداسين ۽ هاڻ چونڊون ٿينديون، اهي مڪاني نه پر عام چونڊون هونديون، پي ڊي ايم جي تحريڪ اڳتي وڌندي ۽ قوم گڏ هوندي، پي ڊي ايم ۾ شامل جماعتن کان وٺي ڪارڪن تائين عام ماڻهو سان گڏ بيٺي آهي ۽ اها جنگ جاري رهندي، حڪومت جي پڄاڻي تائين اها جنگ جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو