اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کي وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گارڊ آف آنر ڏنو ويو.ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم جو حلف کڻڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اڱاري جي صبح وزيراعظم هائوس پهتو، جتي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. نئين چونڊيل وزيراعظم کي هٿياربند فوج جي چاق و چوبند دستا گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو.گارڊ آف آنر جي معائني کانپوءِ نئين چونڊيل وزيراعظم جو وزيراعظم هائوس جي عملي سان تعارف ڪرايو ويو، شهباز شريف هڪ هڪ ڪري عملي سان هٿ ملايو.










