نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف حلف کڻي ورتو،گارڊ آف آنر پيش

نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف حلف کڻي ورتو،گارڊ آف آنر پيش

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو.صدر عارف علوي نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف کان حلف ورتو.تقريب جي شروعات ايوان صدر ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، تقريب ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪئي.ان کان علاوه آصف زرداري، نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي به موجود هئا جڏهن ته مختلف ملڪن جا سفير به حلف برداري تقريب جو حصو هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو