نئين سول ۽ فوجي قيادت پاران عمران جي پاليسين کي فل اسٽاپ

ميونخ(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نئين سول ۽ فوجي قيادت عمران خان جي پاليسي کي روڪيو آهي.آمريڪي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران حڪومت جي پاليسي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ جي هئي، عمران دهشتگردن سان غير مشروط ڳالهيون ڪيون پر نئين سول ۽ ملٽري قيادت سندس پاليسي تي مڪمل پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي سرزمين تي دهشتگردن خلاف وڙهندا، افغانستان مان خطرا حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جو مسئلو پيدا ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو