نئون ديرو نئين (ن س )ديري ويجهو موريا، آگاڻي تڪرار ۾ زخمي ٿيل هڪ ڄڻو فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو. 11ڏينهن اڳ ڳوٺ موريا فقير ۾ آگاڻي ۽ موريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو هو. جهيڙي دوران عبداللطيف موريو ۽ مجاهد آگاڻي مارجي ويا هئا جڏهن ته محمد ايوب موريو، فرحان، گل حسن موريو ۽ الله وڌايو زخمي ٿي پيا هئا. زخمين مان محمد ايوب موريو جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ کيس ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. محمد ايوب موريو جي فوت ٿيڻ بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن پاران محمد ايوب جو لاش نئين ديري آندو پيو وڃي جتي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو.










