نئين جوڙيل مذاڪراتي ٽيم قبول ناهي؛ بي اين پي مينگل

نئين جوڙيل مذاڪراتي ٽيم قبول ناهي؛ بي اين پي مينگل

اسلام آبادد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ق) کان پوءِ بلوچستان عوامي پارٽي مينگل طرفان به مذڪرات لاءِ ٺاهيل حڪومتي ڪاميٽي ٽيم تي تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي. سيڪريٽري جنرل بي اين پي مينگل سينيٽر جهانزيب جمالديني اتحادين سان مذاڪرات لاءِ ٺاهيل حڪومتي ٽيم تي تحفظات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جهانگير ترين، پرويز خٽڪ، ارباب شهزاد تي مشتمل پراڻي ٽيم مذاڪرات ڪري نئين ٽيم کي ڪا به ڄاڻ ناهي ان ڪري مذاڪرات انهن سان مذاڪرات ڪرڻ وقت وڃائڻ آهي. سينيٽر جهانزيب چيو ته حڪومت جي ٺهڻ کان جهانگير ترين، ارباب شهزاد ۽ پرويز خٽڪ مذاڪرات ڪري رهيا آهن مذاڪراتي ٽيم قبول ناهي حڪومت کي ٽيم بدلائڻ گهرجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن ۾ اتحادين سان مذاڪرات لاءِ نئين مذاڪراتي ٽيم جوڙي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو