نئون ديرو: (ن س) نئون ديرو لڳ جيها – ڏاهاڻي خوني تڪرار تان ڌرين ۾ فائرنگ ڳوٺ مراد ڏاهاڻي واسي 2 ڄڻا جهنڊو پٽ واحد بخش ۽ محمد پناهه پٽ غلام مصطفيٰ ڏاهاڻي مارجي ويا جن جا لاش ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي جتي لاشن جا پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. اسپتال ۾ موجود مارجي ويلن جي وارث عورتن مائي سسئي، مائي باشل، عبدالجابر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جو جيها – ڏاهاڻي تڪرار سان ڪو به واسطو نه آهي جيها ڌر جا ماڻهو ڏاڍ ڪري اسان سان وڙهي ويا آهن ۽ بيگناهه اسان جي ٻن ڄڻن جهنڊو ۽ محمد پناهه کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. قاتلن خلاف هڪدم ڪاروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ڊي ايس پي نئون ديرو نثار بروهي جو چوڻ هو ته جهيڙيندڙ ڌريون جهيڙي کي قومي جهيڙي جو رنگ ڏيڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي قتل ڪيو آهي جنهن جو جهيڙي سان ڪو واسطو ئي نه هو. اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته جوابدارن خلاف ڪاروايون تيز ڪري انهن کي گرفتار ڪريون ۽ ڪنهن کي به علائقي ۾امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو روحل کوسو جهيڙي ۾ قتل ٿيل ڏاهاڻي ڌر جي ٻن ڄڻن واري واقعي جو نوٽيس وٺندي جهيڙي واري علائقي ۾ وڏي پوليس نفري کي روانو ڪري ڇڏيو آهي، جتي جهيڙي کي روڪڻ لاءِ ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوليس ٽيمن کي روانو ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن جيها ڏاهاڻي تڪرار ڪارنهن مامري تان شروع ٿيو جنهن اڄ قتل ٿيل ٻن ڄڻن بعد مارجي ويلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي جنهن ۾ جيها ڌر جا 6 ۽ ڏاهاڻي ڌر جا 8 ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.










