نئون ديرو (ن س )نئون ديرو ويجهو کوکر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ڳوٺ الهورايو سولنگي ۾ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هڪ ڌر جي زخمي محمد بخش کي لاڙڪاڻي ۽ ٻي ڌر جي زخمي حبدار کي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي حبدار کوکر جو چوڻ هو ته سندن چاچو مخالفن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي جنهن پاڻ کي گولي هڻائي ڊرامو ڪيو جنهن بعد جوابدارن بابر، شريف ۽ الطاف کوکر سندن گهر تي حملو ڪري کيس گولي هڻي زخمي ڪيو.










