مھنگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو،احتجاج

مھنگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو،احتجاج

مظفر علي بروهي) سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران مهنگائي خلاف(  احتجاجي مظاھروڪيوويو جنھن جي اڳواڻي ھاري اڳواڻ عباس علي سٺيو سليم ملاح ڪئي، احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن سڪندرميتلو عباس علي سٺيو رحيم ڏنوسٺيو فاروق سٺيوجوچوڻ ھو ته سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ماڻھن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي. ھاري پورهيت طبقو سخت پريشان آھي روزمره جي شيون  اٽو کنڊ گيھ دالين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳاآهن  ملڪ م ايتري مهانگائي زندگي ۾ ناهي ڏٺي جيتري پي ٽي آء جي حڪومت ۾ ٿي آھي. يوٽيلٽي اسٽورن تان به سستو سامان نٿو ملي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھرڪئي آھي ته وفاقي توڻي صوبائي سرڪارکي گھرجي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي رليف ڏنو وڃي. ان موقعي تي ھاري يونين جو مرڪزي اڳواڻ لال بخش لالڻ يعقوب سٺيو محمدخان ميتلو شان ميتلوپڻ موجود ھو 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو