حيدر آباد دکن(ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جو ڊائريڪٽر مڪي آرٿر پاڪستان ٽيم سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ پهچي ويو. پاڪستاني ٽيم جي ترجمان موجب مڪي آرٿر ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ مصروفيتن کانپوءِ انگلينڊ کان ڀارت پهچي ويو آهي، مڪي آرٿر ان کان اڳ ايشيا ڪپ ۾ ڪجهه ميچن لاءِ قومي ٽيم سان گڏ هو. پاڪستاني ٽيم جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مڪي آرٿر هاڻي مڪمل طور پاڪستاني ٽيم سان گڏ هوندو.










