مڪاني چونڊون خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرميون تيز

مڪاني چونڊون خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرميون تيز

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال )خانپورمهر مڪاني چونڊن ۾ اميدوار کي بيهارڻ خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرمين جاري. محمد بخش مهر جو مختلف اتحاد ملاقاتون. پ پ پارٽي ماڻهو کي روزگار ڏنو. تڪ جي ماڻهن ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وينديون. محمد بخش خان مهر. خبرموجب پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مھر جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان خانڳڙھ ۾ سياسي سرگرمين تيز ڪري ڇڏيو. پنهنجي رهائش گاهه اتحادين سان گڏجاڻي ايندڙ مڪاني اليڪشن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش مھر جي مڪاني چونڊن جي حوالي سان ميرپور ماٿيلي ۽ گھوٽڪي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلز جي اتحادين سان گڏجاڻين ڪيون جنهن ۾ عبدالحميد خان گبول ممتاز خان پتافي بھرام خان چنڙ اصغر مجاھد مھر مير احسان الله سندراڻي مير حمزه خان سندراڻي قيصر خان بوزدار سيد غضنفر بخاري ۽ ٻيا شامل هئا. مڪاني چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ سان گڏ مختلف معاملن تي مشاورت ڪئي وئي ۽ اميدوار جي نالن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڳالهيون پڻ ڪيون ويون ان موقعي تي سردار محمد بخش مهر جو چوڻ هو پ پ ھميشہ ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي. هن چيو ته هو تڪ جي ماڻهن کي ميرٽ تي روزگار ڏنو ويندو. ان موقعي تي حاجي زبردست خان مھر مير خان مھر غلام رسول خان مھر ۽ ٻياپڻ موجود ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو