مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن:ڊي سي

مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل آهن:ڊي سي

ميرپور ماٿيلو (ن سنڌيار) ڊپٽي ڪمشنر /ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ چيو آهي ته مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، تعلقي سطح تي ٽرانسپورٽيشن پلان تيار ڪرڻ جو حڪم، سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي لاڳاپيل تعلقي جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو. تفصيل موجب ڊپٽي ڪمشنر/ڊي آر او گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ڪيل انتطامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ گڏجاڻي منعقد ٿي جنهن ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارن توڙي ميونسپل، ٽائون ۽ يونين ڪائونسلز تي مقرر ريٽرننگ آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڳالهائيندي چيو ته مڪاني چونڊن دوران فرض ادا ڪرڻ هڪ قومي ۽ اهم فرض اهي انڪري سمورا آر اوز سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن ته جيئن بهتر طريقي سان چونڊن وارو عمل ٿي سگهي. هن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنر کي لاڳاپيل تعلقي تي فوڪل پرسن مقرر ڪري هدايت ڪئي ته تعلقي سطح تي ٽرانسپورٽيشن جو جامع پلان تيار ڪيو وڃي ته جيئن بعد ۾ پولنگ عملي کي ڪنهن به قسم جي مشڪل پيش نه اچي. جڏهن ته سمورا آر او پنهنجي پنهنجي پولنگ اسٽيشنز، مقرر ڪيل عملي توڙي مسئلن بابت تفصيلي رپورٽ فراهم ڪن. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته آر اوز کي 18 ماسٽر ٽرينرز کان سکيا ڏياري ويندي جيڪي کين مڪمل تعاون فراهم ڪندا ته جيئن کين مشڪل پيش نه اچي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو