مڙس کي زهر ڏئي قتل ڪندڙ عورت پيءُ، ڀاءُ سميت گرفتار

دڙو(امداد ميمڻ) ڳوٺ عبدالڪريم لاشاري جي رهواسڻ نظيران لاشاري 2 آگسٽ جي رات مبينا طور پنھنجي چاھيندڙ الھڏنو لاشاري، پيءَ رمضان لاشاري، ڀاءُ غلام رسول لاشاري ۽ عمر لاشاري جي مدد سان پنھنجي مڙس محمد عثمان لاشاري کي ماني ۾ زھر ڏئي قتل ڪرڻ جي الزام ھيٺ عدالتي حڪم تي مقتول جي وڏي پٽ عاشق لاشاري پاران داخل ڪرايل قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار عورت نظيران لاشاري سندس پيءَ رمضان لاشاري ۽ ڀاءَ غلام رسول لاشاري کي ٻنون پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن ته ڪيس ۾ نامزد ٻن ٻين جوابدارن الھڏنو لاشاري ۽ عمر لاشاري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. ان ڏس ۾ ٻنون پوليس جي ايس ايڇ او گل محمد ڪاتيار ٻڌايو ته عدالتي حڪم تحت داخل ڪيل قتل ڪيس ۾ نامزد مک عورت نظيران لاشاري ۽ سندس پي ڀاءُ کي گرفتار ڪري اعلي سطع جي جانچ شروع ڪئي وئي آھي. باقي ٻن جوابدارن جي گرفتاري لاء ڇاپا ھنيا پيا وڃن. ھوڏانھن مقتول عثمان لاشاري جو پٽ عاشق لاشاري صحافين سان ڳالھائيندي الزام ھنيو ته منھنجي پيءَ کي وڏي سازش تحت ويڳي ماءُ نظيران لاشاري ۽ ٻين زھر ڏئي قتل ڪيو آھي. نظيران لاشاري خود لاشاري برادري جي سردارن ۽ پوليس آڏو بابا کي زھر ڏيئي مارڻ جو پنھنجو اعترافي بيان ڏيئي چڪي آھي. پر ڪجھه بااثر ڌريون قتل ۾ ملوث  نظيران لاشاري جي چاھيندڙ الھڏنو لاشاري ۽ ٻين کي قتل واري شريڪ واردات مان بچائڻ لاءِ نظيران تي دٻاءُ وجھي رهيا آهن. ھن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، سيشن جج ٺٽو، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي ته سندس مرحوم پيءَ جي قاتلن کي سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو