عورت جي خودڪشي، نيننگر ٻڏي فوت

عورت جي خودڪشي، نيننگر ٻڏي فوت

چوهڙ جمالي (ناشاد ملاح) ڳوٺ محمد صالح خاصخيلي ۾ 30 سالا عورت فاطمه زال حسن خاصخيلي مڙس سان ناراضگي سبب ڳچيءَ ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي جونگو جلباڻي پوليس اهڙو اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي خودڪشي ڪندڙ عورت جو لاش رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي آندو جتي عورت جي ڀاءُ محمد جمن ولد اسماعيل خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته زال ۽ مڙس جي ذاتي جھيڙي سبب ھي واقعو پيش آيو آھي. پوليس موجب سندس ڀاءَ جو بيان اھميت جوڳو آھي جيئن وارث چوندا اسين ان طرف ڪيس جو رخ ڪنداسين في الحال تفتيش جاري آھي. ٻئي طرف چوهڙ جمالي جي ستاواھ ۾ بروهي محلي جي محمد جمن سولنگي جو 5 سالا ٻارڙو حيدر سولنگي اوچتو پير ترڪڻ سبب ستاواھ ۾ ٻڏي ويو جنهن کي پاڙيسرين يڪدم ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر پهچايو جتي نينگر فوت ٿي ويو ضروري ڪاروائي بعد فوت ٿي ويل نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو