مچ واقعي خلاف ڪراچي ۾ 6 هنڌن تي احتجاج ڌرڻو جاري

مچ واقعي خلاف ڪراچي ۾ 6 هنڌن تي احتجاج ڌرڻو جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مچ واقعي ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري ڪراچي جو ڇهن هنڌن تي احتجاج ڪيو ويو ۽ ڌرڻا هنيا ويا.ٽريفڪ پوليس مطابق ڪراچي جي 6 هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن ، جن ۾ فيصل اسٽريٽ  ملير گيٽ ، ملير 15 ، جنهن سبب ڊرگ روڊ کان ملير تائين ٻنهي ٽريڪن تي ٽريفڪ معطل آهي.پوليس موجب ماڊل ڪالوني کان قائدآباد ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ کي ڪالا بورڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ قائد آباد کان ٽريفڪ الفلاح پل کان اندروني روڊ ڏانهن موڙيو ويو آهي.ايم اي جناح روڊ تي نمائش چوڪ تي پڻ ڌرڻو جاري آهي جنهن جي ڪري ڪيپري سينيما کان گرومندر تائين روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند آهي. ٽريفڪ پوليس مطابق عباس روڊ تي سفاري پارڪ ۽ ابوالحسن اصفهاني روڊ تي پڻ يونيورسٽي روڊ تي ڌرڻو هنيو پيو وڃي جنهن سبب سهراب ڳوٺ کان ٽريفڪ کي راشد منهاس روڊ ڏانهن موڙيو ويو جڏهن ته مسڪن چورنگي کان ٽريفڪ کي پيراڊائيز بيڪري ڏانهن موڙيو ويو آهي.پوليس موجب ، نارٿ ڪراچي پاور هائوس چورنگي جي ويجهو به ڌرڻو جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو