ڪراچي(ويب ڊيسڪ)آسٽريليا کي پهريون ڀيرو ٽي 20 ۾ عالمي چيمپيئن بڻائڻ وارو اسٽار رانديگر مچل مارش ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ پاڪستان خلاف اهم ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ سيريز 13 ٽيمن تي ٻڌل ون ڊي سپر ليگ جو حصو آهي، جنهن ۾ في ميچ 10 پوائنٽس آهن، جڏهن ته ٽاپ 7 ٽيمون سڌي ريت ايندڙ سال شيڊول ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪنديون. آسٽريليا ۽ پاڪستان هن وقت تائين شيڊول 8 مان صرف 3 سيريز کيڏيون آهن ۽ ٻئي ٽيمون ترتيبوار ستين ۽ اٺين پوزيشن تي آهن. پاڪستان ۽ آسٽريليا 4 ون ڊي ميچز جي سيريز اڄ کان لاهور ۾ شروع ٿي رهي آهي.










