اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ملڪ جا مٿانهون علائقا اڃا تائين سخت ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، ڍنڍون ڄمي ويون آهن جڏهن ته جبل برفباري سبب اڇا ٿي ويا آهن، جنهن ڪري آزاد ڪشمير، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ سياحتي هنڌن جي رونق وڌي وئي آهي.اسلام آباد خشڪ سردي ۽ ڪوهيڙي جي لپيٽ ۾ آهي، شهر ۾ سڄو ڏينهن موسم ڪڪر رهي، موسميات کاتي موجب شهر ۾ برسات جو ڪو به امڪان ناهي. لاهور ۾ به ٿڌ ۾ اضافو ٿيو، جڏهن ته ڪوهيڙي جي شدت ۾ واضح گهٽتائي ڏٺي وئي، شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.ملڪه ڪوهسار مري ۾ برفباري کان پوءِ سج نڪرندي ئي نظارا وڌيڪ دلڪش ٿي ويا. خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياحن تفريحي هنڌن جو رخ ڪيو. سياحن فطرت جي خوبصورت نظارن مان ڀرپور لطف اندوز ٿيا.هزاره ڊويزن جي مٿانهين علائقن ۾ ٻيهر برفباري شروع ٿي وئي آهي. موڪلن تي نٿيا گلي ۾ ڪئمپ لڳائيندڙ سياحن برفباري جو مزو ورتو. ان دوران مالم جبه ۾ موسم به خوبصورت ٿي وئي آهي. وڏي انگ ۾ سياحن وادي جو دورو ڪيو آهي ۽ قدرتي خوبصورتي ۽ برفباري مان لطف اندوز ٿيا آهن. شگر وادي ۾ سياري ۽ سال جي پهرين برفباري شروع ٿي وئي آهي. برفباري سبب وادي ۾ موسم ٿڌي ٿي وئي آهي. دريائن ۽ واهن ۾ پاڻي جو وهڪرو گهٽجي ويو آهي. برفباري سبب سياحن جا چهرا کُلي ويا آهن. ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي اتر ۽ وچ وارن ضلعن ۾ به ٿڌ جي شدت وڌي وئي آهي.










