مٺي اسپتال ۾ هڪ سال ۾ 740 ٻار فوت ٿي ويا

مٺي اسپتال ۾ هڪ سال ۾ 740 ٻار فوت ٿي ويا

مٺي (رپورٽر)سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا.  سول اسپتال ۾ اڄوڪي ڏينهن فوتي ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو.  مٺي سول اسپتال ۾ 5 مهينن جو محمد عرس ۽ 9 مهينن جي سونيا ڌيءُ عبدالستار پڻ فوت ٿيا.  هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 27 ۽ هلندڙ سال 740 ٿي ويو. ٿر ۾  ٻارن جي موت تي ضابطو  نه اچڻ سبب ماروئڙا پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو