مٺي، ننگرپارڪر اسلام ڪوٽ سميت ڀرپاسي جي شهرن ۾ برسات

مٺي، ننگرپارڪر اسلام ڪوٽ سميت ڀرپاسي جي شهرن ۾ برسات

ٿرپارڪر: (ن س ) ٿرپارڪر جي مختلف علائقن، خاص طور مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ۾ غير موسمي برسات سبب زراعت کي نقصان، علائقي ۾ گوار، ٻاجهر، موٺ ۽ ٻين فصلن تي پاڻي بيهجي وڃڻ سبب وڏو نقصان ٿيو آهي، جنهن ڪري هاري پريشاني ۾ مبتلا آهن۔ مقامي هارين موجب فصلون بٽائي جي مرحلي ۾ هيون، پر اوچتي برسات سبب فصلن جو وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏي تباهه ٿي ويو۔ ڪيترن ئي هنڌن تي فصلن مان پيداوار مڪمل طور ختم ٿي وئي، جنهن سان هارين ۽ زميندارن کي هزارين رپين جو نقصان پهتو آهي۔ٻئي طرف شهرن مٺي، ڏيپلو ۽ ننگرپارڪر ۾ به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهٽيون ۽ روڊ پاڻي سان ڀرجي ويا آهن، جنهن ڪري شهري سخت تڪليف ۾ آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو