مُلڪ جي سمورين ريلوي اسٽيشنن ۽ ٽرينن جي سيڪيورٽي سخت

مُلڪ جي سمورين ريلوي اسٽيشنن ۽ ٽرينن جي سيڪيورٽي سخت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي پوليس سمورن اسٽيشنن ۽ ٽرينن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي آهي.ريلوي جي ترجمان موجب سڄي ملڪ ۾ سمورن اسٽيشنن، پليٽ فارمن ۽ ٽرينن تي سيڪيورٽي وڌائيندي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.ترجمان جو چوڻ هو ته ريلوي اسٽيشنن جي داخلا ۽ نڪرڻ وارن رستن جي چيڪنگ وڌائي وئي آهي.ترجمان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ اسپيشل برانچ ذريعي ريلوي اسٽيشنن، ٽرينن کي خالي ڪرائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو