ميانوالي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڪرسي بچائڻ نه پر تبديلي آڻڻ لاءِ آيو آهيان. مان هنن چورن ۽ مافيا جي ماڻهن سان ڊيل نه ڪندس هنن سان ڊيل ڪرڻ ملڪ سان غداري برابر آهي. مان اڪيلو به رهجي ويس ته به مافيا جو مقابلو ڪندس ڇو ته جيڪڏهن مافيا رهي ته ملڪ جو ڪو مستقبل ناهي. اهڙو اظهار هن ميانوالي ۾ تعليم، صحت ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مختلف منصوبن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

اسحاق دار جي والد جي سائيڪل جو دوڪان هو ايڏا پيسا ڪٿان آندائين؟. حسن نواز ۽ حسين نواز 8 ارب روپين جي گهر ۾ رهن ٿا هنن پيسا ڪٿان آندا. 10 مهينن ۾ ملڪيتن جا 60 دستاويز پيش ڪيائون ۽ سڀ ڪاغذ جعلي نڪتا. هن چيو ته طبي رپورٽون ڏسو ته نواز شريف جو سڀ ڪجهه خراب آهي پر جهاز تي چڙهڻ ۽ ويهڻ جوانداز ڏسي حيران ٿي ويس ۽ چيم ته واهه الله تنهنجو شان! مونکي ڊاڪٽرن جو رپويٽون ياد آيون، جن ۾ لکيل هو ته مريض کي دل جو مرض آهي، ڪڊني به خراب اٿس، اسٽروڪ به ٿي سگهي ٿو، شگر به وڌيل اٿس، پليٽيليٽس جو به مسئلو آهي ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ته بس هلي پوندو. مان سوچان پيو ته مريض جهاز ڏسي ٺيڪ ٿيو يا لنڊن جي هوا لڳندي ئي ٺيڪ ٿي ويو، اڃا خبر نٿي پوي پر ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن جي يو آءِ جي مارچ بابت تبصرو ڪندي چيو ته ڪنٽينر تي هو ان ڪري نه آيا هئا ته عوام جا مسئلا آهن پر ان ڪري آيا هئا ته حڪومت جي پاليسي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي ۽ هنن جا سياسي دوڪان بند ٿي ويندا. هن بلاول جو نالو کڻڻ کانسواءِ مٿس تنقيد ڪندي چيو ته بارش ٿيندي آهي ته پاڻي ايندو آهي،

شهباز شريف جو به نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته ڪوڙو نيلسن منڊيلا به ڪنٽينر تي تقرير ڪئي، هنن کي خبر آهي ته هنن جيڪو ملڪ سان ڪيوآهي اڳتي هلي ڦاسندا ۽ اهوئي سبب آهي ته هي سڀ گڏ ٿيا آهن. فضل رحمان تي به آخر ۾ خنز ڪئي ۽ چيو ته هن جي هوندي يهودين کي سازش ڪرڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي. هن مدرسن جي ٻارن سان ڪوڙ ڳالهائي کين ورغلائي اسلام آباد آندو پر اسانجي حڪومت پهريون دفعو مدرسن جي ٻارن کي قومي تعليمي ڌارا ۾ ڳنڍي رهيا آهيون.










