اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صحافين ۽ پاليسي ماهرن آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن کي پاڪستان جي معاشي استحڪام، انساني ترقي ۽ وسيلن جي بهتر ورڇ لاءِ لازمي قرار ڏيندي خانداني منصوبه بندي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ فنڊن جي اثرائتي استعمال کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.اهي مطالبا پاپوليشن ڪائونسل ۽ يو اين ايف پي اي جي گڏيل سهڪار سان منعقد ڪيل ميڊيا ڪوليشن اجلاس ۾ سامهون آيا، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف علائقن مان ميڊيا نمائندن، پاليسي ماهرن ۽ ترقياتي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي.پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر علي مير پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته صحت ۽ تعليم تي خرچ دراصل ملڪ جي مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. هن بنيادي سطح تي خانداني منصوبه بندي جون خدمتون فراهم ڪندڙ نظام، خاص طور تي ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام، کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻارن جي ڄمڻ ۾ مناسب وقفو ماءُ ۽ ٻار جي بهتر صحت لاءِ ضروري آهي ۽ اهو اسلامي تعليمات سان پڻ هم آهنگ آهي.پاپوليشن ڪائونسل جي مئنيجر ڪميونيڪيشن اڪرام الاحد پنهنجي پريزنٽيشن ۾ نشاندهي ڪئي ته پاڪستان جي آبادي لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو سالياني شرح سان وڌي رهي آهي، جڏهن ته آبادي ۽ خانداني منصوبه بندي جي شعبي تي سرڪاري خرچ علائقي جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. هن چيو ته قومي هدفن جي حاصلات لاءِ انگن اکرن ۽ ثبوتن جي بنياد تي پاليسي سازن ۽ لاڳاپيل ادارن جي جوابدهي واري نظام کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. سندس چوڻ موجب خانداني منصوبه بندي صحت، معيشت ۽ انساني ترقي جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ اثرائتين عوامي سيڙپڪارين مان هڪ آهي.سينيئر اقتصادي صلاحڪار عمار علي قريشي چيو ته آبادي ۽ وسيلن ۾ توازن صرف هڪ سماجي مسئلو نه پر هڪ معاشي ضرورت آهي. هن چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ معاشي چئلينج ملڪ جي ترقي جي رفتار کي متاثر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عورتن جي تعليم ۽ معاشي سرگرمين ۾ شموليت پائيدار ترقي ۽ شرح پيدائش ۾ گهٽتائي لاءِ اهم حيثيت رکن ٿيون.اجلاس ۾ شريڪ ميڊيا نمائندن صحت، تعليم ۽ آبادي جي شعبن ۾ موجود چئلينجن، محدود وسيلن ۽ خدمتن جي فراهمي سان لاڳاپيل مسئلن تي خيال ونڊيو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ميڊيا عوامي آگاهي وڌائڻ، صحيح معلومات جي فراهمي، روين ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۽ حڪومتي واعدن تي عملدرآمد جي نگراني ذريعي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.اجلاس جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته آبادي ۾ توازن هڪ قومي ترجيح آهي، جنهن جي حاصلات لاءِ سياسي عزم، مناسب مالي وسيلا، اثرائتو پاليسي عملدرآمد ۽ مسلسل عوامي آگاهي لازمي آهن. ميڊيا نمائندن آبادي ۽ ترقي سان لاڳاپيل موضوعن تي ثبوتن تي ٻڌل ۽ ذميواراڻي رپورٽنگ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اعادو ڪيو.










