لاهور (ويب ڊيسڪ) لولي ووڊ اداڪارا ميرا چيو آهي ته منهنجو سوشل ميڊيا اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو آهي، ڪافي ڪوشش جي باوجود ريڪور نه ٿيو، سائبر ڪرائيم وارن سان رابطو ڪري رهي آهيا. اهڙو اظهار هن جيو نيوز سان وڻڪاري مهم دوران هڪ اسڪول ۾ ٻوٽو پوکڻ وقت ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مان جلد هڪ ٽيلي فلم ۾ نظر ايندس پر هن ڪهاڻي ۽ تارخ نه ٻڌائي ته ڪڏهن اها رليز ٿيندي. هڪ سوال تي هن چيو ته منهنجو هن وقت ڪو به جيون ساٿي ناهي، هڪڙو بواءِ فرينڊ هو ان کي ميڊيا ڀڄائي ڇڏيو، ڪو نئون ساٿي مليو ته اوهان کي ٻڌائيندس. ميرا گذريل سال فلم باجي ۾ نظر آئي هئي ۽ سندس فلم هٽ ٿي هئي، ميرا جي اداڪاري جي تعريف به ڪئي وئي هئي.










