اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي آسٽريلوي ليجنڊ بيٽسمين ميٿيو هيڊن کي آءِ سي سي مردن جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مينٽر مقرر ڪيو ويو آهي.قومي ٽيم نيوزيلينڊ ۾ ٽه ملڪي سيريز کيڏڻ کانپوءِ 15 آڪٽوبر تي آسٽريليا پهچندي جتي ميٿيو هيڊن برسبين ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ هوندو.اڳوڻو آسٽريلوي رانديگر ان کان اڳ آئي سي سي مردن جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2021 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ ڪم ڪري چڪو آهي.چيئرمين پي سي بي رميز راجا جو چوڻ آهي ته ميٿيو هيڊن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڀليڪار ڪريان ٿو، سندس آسٽريلوي حالتن ۽ راند بابت ڄاڻ قومي رانديگرن لاءِ تمام گهڻي فائديمند ثابت ٿيندي.ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي شاندار ڪارڪردگي کانپوءِ ميٿيو هيڊن جو چوڻ آهي ته مان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ تي ڏاڍو پرجوش آهيان.










