ميٽرڪ جا ايڊمٽ ڪارڊ ورهائڻ لاءِ آفيسون کولڻ جو فيصلو

ميٽرڪ جا ايڊمٽ ڪارڊ ورهائڻ لاءِ آفيسون کولڻ جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني اعلان ڪيو آهي ته نائين ۽ ڏهين جي امتحانن جا ايڊمت ڪارڊ شاگردن ۾ ورهائڻ لاءِ واسطيدار اسڪولن جون آفيسز کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٽوئٽر تي جاري پيغام ۾ هن ٻڌايو آهي ته تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نائين ۽ ڏهين جا امتحان وقت تي يعني 16 مارچ تي منعقد ٿيندا ۽ ان بابت واسطيدار اسڪولن جون آفيسون کولي شاگردن کي ايڊمت ڪارڊ ڏنا ويندا. جڏهن ته باقي اسڪول 13 مارچ تائين ڪورونا وائرس سبب بند رهندا. هن اڳ ۾ اعلان ڪيو هو ته وڌيڪ موڪل نٿا ڪري سگهون ۽ سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا 16 مارچ کان کوليا ويندا. ياد رهي ته دنيا جي 13 ملڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا ۽ 29 ڪروڙ شاگردن جي تعليم متاثر ٿي هئي. 26 فيبروري تي ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچڻ بعد ٻن ڏينهن لاءِ حڪومت تعليمي ادارا بند ڪيا هئا ۽ بعد ۾ 13 مارچ تائين بندش ۾ واڌ ڪئي وئي هئي. پاڪستان ۾ هن وقت تائين وائرس جا 6 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان پهريون مريض صحتمند ٿي اسپتال مان گهر پهچي ويو آهي. دنيا جي 80 ملڪن ۾ وائرس ڦهلجي چڪو آهي ۽ هڪ لک کان مٿي ماڻهو وائرس جو شڪار آهن. سڀ کان وڌيڪ موت چين ۾ ۽ ٻئي نمبر تي ايران ۾ رپورٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو