ميهڙ:(ن سنڌيار) ميهڙ ويجهو مٽيءَ جي طوفان سبب 50 کان وڌيڪ ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب 9 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب ميهڙ جي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ مٽيءَ جي طوفان دوران چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 50 کان وڌيڪ ڪکاون گهرن کي باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ ڍور به سڙي مري ويا.باهه لڳڻ سبب سڙي فوت ٿيلن جي 16 ورهين جو مور چانڊيو، 12 ورهين جو رشيد، 10 ورهين جو عالم، 5 ورهين جي نرجس، 10 ورهين جو زمان، 14 ورهين جو عبدالرسول، 8 ورهين جي سويرا ۽ حسين چانڊيو طور ٿي آهي. سڙي فوت ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقا اسپتال ميهڙ پهچايا ويا آهن جڏهن ته باهه وسائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا.ڳوٺاڻا بي يارو مددگار بڻيل آهن. جڏهن ته باهه لڳڻ سبب 100 کان وڌيڪ جانور به سڙي مري ويا آهن. علائقي ۾ قيامت جهڙا منظر آهن. ڊپٽي ڪمشنر دادو سميت ڪو به آفيسر واقعي واري هنڌ ناهي پهتو.










