ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )ميھڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جي مک جوابدار غلام مرتضي چانڊيو کي ميهڙ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي عدالت 5 ڏينهن جي پوليس رمانڊ تي جاچ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن مرتضيٰ چانڊيو کي بلوچستان کان پنجاب طرف فرار ٿيڻ وقت ڪشمور پوليس ٽرائي بارڊر جي ايريا ۾ خفيه اطلاع تي ڇاپو ھڻي گرفتار ڪري ورتو هو.

ڪشمور جي ايس ايس پي امجدشيخ سنڌ يار سان رابطو ڪرڻ تي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ميھڙ واري واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، ھن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ازخود نوٽيس وٺڻ تي گرفتاري ٿي آھي جڏھن ته ملوث جوابدار غلام مرتضي چانڊيو جي مٿان 10لک روپين جو انعام رکيل آھي. ياد رهي ته اُم رباب چانڊيو جي ڏاڏي، والد ۽ چاچي کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چانڊين جي سردارن تي الزام لڳو هو. ام رباب چوندي رهي آهي ته سرداري نظام جي مخلافت سبب ٽرپل مرڊر ڪيس ۾ سردار برهان ۽ سردار خان چانڊيو ملوث آهن جڏهن هو ان الزام جو انڪار ڪندا رهيا آهن.










