ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس بنا پيش رفت ملتوي

ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس بنا پيش رفت ملتوي

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سنڌ جي نياڻي اُمِ رباب چانڊيو جَي 3 گهر ڀاتين ڏاڏي، والد ۽ چاچي جَي قتل ڪيس جي دادو جِي ماڊل عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، فريادي اُم رباب ۽ جوابدار سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو پيش ٿيا، عدالت وڪيل جِي غير حاضري سبب ڪيس جي ٻڌڻي 27  فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ام رباب چيو ته ٽن سالن کان انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهيان، قتل ڪيس ۾ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان ملوث آهن، جيڪڏهن اهي ملوث ناهن ته پوءِ ڌمڪايو ڇو پيو وڃي؟ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو چيو آهي ته اسان کي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻائي ساک متاثر ڪئي وئي آھي.ياد رهي ته هي ڪيس ميهڙ ٽرپل مرڊر ڪيس جي نالي سان به مشهور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو