ميمبرن جي خريداري واري جمعه باراز تي خان ڊرون حملو ڪندو

ميمبرن جي خريداري واري جمعه باراز تي خان ڊرون حملو ڪندو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بي اعتمادي جي رِٿ ناڪام ٿيندي جنهن بعد عمران خان اڃا به وڌيڪ چئلينجنگ ثابت ٿيندو، خريد ۽ وڪري جا هوڪا ڏيندڙ ٻڌي ڇڏن ته عمران خان اهڙو پتو کيڏندو جيڪو سياسي ڊرون حملو هوندو ۽ اپوزيشن جي سياست تباهه ٿي ويندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته نواز شريف 172 جو نمبر پورو ڪرڻ لاءِ ميمبرز جي خريداري جو ذمو آصف زرداري کي ڏنو آهي، ميمبرن جي خريداري شروع ٿي ته ٻهارو ڦري ويندو. شيخ رشيد چيو ته سمورا ذاتي مفاد لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن پر عدم اعتماد جي رٿ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ عمران خان  هنن لاءِ وڌيڪ چيلينجنگ بڻجي ويندو، مفاد پرست ٽولي کي خبر آهي ته جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته هنن جي کَل لهي ويندي، هنن جي سياسي قبر کوٽجي ويندي ۽ هنن کي اندازو ئي ناهي ته سندن ڪهڙو حشر ٿيندو. عمران خان ۽ جهانگير ترين جي لاڳاپن بابت پڇيل سوال تي شيخ رشيد چيو ته عمران خان چريو ناهي، هو 25 سالن کان هن راند ۾ آهي، عمران خان کي جهانگير ترين سان ڳالهائڻ گهرجي، 14، 14 سال مردا اکاڙڻ وارا ملي سگهن ٿا ته جهانگير ترين ۽ عمران خان ته دوست آهن هو ڇو نٿا ملي سگهن. هن چيو ته جهانگير ترين سان منهنجي دوستي ناهي. ياد رهي ته وزيراعظم عمران خان جيڪو روس جو ٻن ڏينهن وارو دورو ڪري اڄ فجر مهل وطن پهتو آهي تنهن بني گالا ۾ شام جو پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾ عدم اعتماد جي ناڪامي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو