ميشا شفيع، سندس مڙس ۽ ماءُ 19 آڪٽوبر تي عدالت طلب

ميشا شفيع، سندس مڙس ۽ ماءُ 19 آڪٽوبر تي عدالت طلب

لاهور(ويب ڊيسڪ)سيشن ڪورٽ گلوڪارا ميشا شفيع جي خلاف علي ظفر جي ساک کي نقصان پهچائڻ واري دعويٰ تي 29 سيپٽمبر جي ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ميشا شفيع، سندس مڙس ۽ ماءُ صباء حميد کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. ايڊيشنل سيشن جج اظهار اقبال رانجها ٻن صفحن جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجي بيان تي ايندڙ ٻڌڻي ۾ پيش ٿين. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ساک کي متاثر ڪرڻ واري دعويٰ ميشا شفيع، صبا حميد، محمد محمود پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي علي ظفر جي وڪيل موجب ٽنهي گواهن جي بيانن تي جرح ٿيڻ باقي آهي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو